ڇنڊن هڻڻ جي راند

ڇنڊن هڻڻ جي راند: هيءَ راند پاڻيءَ ۾ کيڏي ويندي آهي، هڪڙا ٻار پاڻيءَ ۾ هڪڙي پاسي ۽ ٻيا ٻئي پاسي ويهي، هڪٻئي کي ڇنڊا هڻندا ۽ پيا چوندا آهن: ’هيٻو هيٻو‘. جنهن ڌر تڪڙا ۽ گهاٽا ڇنڊا هنيا ته ٻي ڌر وارن جو ساهه منجهي پوندو ۽ ٻاهر نڪري ويندا. اهڙيءَ طرح ٻاهر نڪتا ته راند هارايائون


هن صفحي کي شيئر ڪريو